درياڻي، هري دلگير

درياڻي، هري دلگير

درياڻي هري دلگير

درياڻي، هري دلگير: سنڌ هند جي پهرين صف جو ناميارو جديد شاعر هري دلگير درياڻي، 15 جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پيءُ جو سترهون ۽ آخري ٻار هو. سندس والد گرڏنو مل درياڻي، فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو. هري دلگير شروعاتي ٽي سال پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي هوشيار هئڻ ڪري ڊبل پروموشن ورتائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ پليگ جي بيماري پوڻ ڪري والد ۽ والده سان گڏ روهڙيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس والد فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو. اتي ٽيون ۽ چوٿون درجو انگريزي پڙهڻ کان پوءِ باقي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين، جتان 1934ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ ۾ پرڀو وفا (مشهور شاعر) سندس هم ڪلاسي هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هري دلگير، بي. ايس. سي(B.Sc) ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ بي. اِي (سول)N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان 1941ع ۾ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪئي. 1942ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. پهرين اوورسيئر ٿيو، پوءِ سب انجنيئر ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر رهيو. هن لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد وغيره ۾ ملازمت ڪئي ۽ فرض شناسيءَ، محنت ۽ ايمانداريءَ ۾ پنهنجو نالو ڪڍايو.
هري دلگير کي ادبي ماحول گهر ۾ ئي مليو. سندس پيءُ گرڏنو مل شاعر هجڻ سان گڏ اخبارن ۾ مضمون پڻ لکندو هو، جنهنڪري هن جي گهر ۾ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هوندو هو. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير، ڪشنچند بيوس جو ڪلام ’شيرين شعر‘ پڙهي ان کان بيحد متاثر ٿيو ۽ هن ۾ به شاعري ڪرڻ جو جذبو جاڳيو.
هري دلگير پهريون شعر 10، 11 سالن جي عمر ۾ لکيو. لاڙڪاڻي ۾ ان وقت مشاعرا گهڻا ٿيندا هئا. هري دلگير جي دوستي هوندراج دُکايل سان ٿي، جيڪو هن کان ڇهه ست سال وڏو هو ۽ قومي هلچل جو سرگرم اڳواڻ ۽ جوشيلو شاعر هوندو هو. پرڀو وفا ته اڳيئي سندس دوست هو. ان کان سواءِ ان ئي وقت ۾ هري دلگير جي ڪشنچند بيوس سان پڻ صحبت ٿي. ائين هن کي شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ اُتساهه مليو. هري دلگير جي همعصرن ۾ پرڀو وفا، رام پنجواڻي، گوبند ڀاٽيا ۽ ٻيا شامل هئا. 1930ع ۾ هري دلگير جو پهريون شعر، شڪارپور مان بولچند راجپال جي ادارت هيٺ نڪرندڙ مشهور سنڌي رسالي ’سنڌوءَ‘ ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس هڪ شعر لاڙڪاڻي جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو ان وقت جي مشهور شاعر نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي نظرن مان گذريو، جنهن هري دلگير جي دل کولي همت افزائي ڪئي ۽ کيس علم عروض جي ڄاڻ ۽ شاعريءَ جي سکيا ڏني. هري دلگير هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”استاد نواز علي ’نياز‘ کان مون شعري فن سکيو ۽ بيوس سائين (ڪشنچند) کان ڪويتا جي پرک پرايم.“ اهڙيءَ طرح نواز علي ’نياز‘ ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ هن جا شعر ۾ اُستاد ٿيا. انهيءَ وقت لاڙڪاڻي ۾ طرحي مشاعرا ٿيندا هئا، مصرع طرحَ گهڻو ڪري اردوءَ مان ترجمو ڪري ڏني ويندي هئي، جنهن تي شاعر پنهنجو شعر جوڙيندا هئا. اهڙي ئي هڪ مشاعري ۾ هري دلگير پنهنجو شعر پڙهيو. ان وقت سندس عمر 14 سال هئي. انهيءَ شعر تي کيس تمام گهڻو داد مليو. NED ڪاليج ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير جي شاعري خوب پروان چڙهي، هن خوب لکيو ۽ نالو ڪڍيو. اتي ئي ڪاليجي تعليم دوران هي رومانوي رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ 1939ع ۾ نانڪي هنڱوراڻيءَ سان سندس شادي ٿي. 1941ع ۾ ’سنڌو‘ رسالي جي ايڊيٽر بولچند وسو مل راجپال، هري دلگير کي رسالي جي شاعريءَ واري ڀاڱي جو انچارج مقرر ڪيو، جيڪا ذميواري هن اڍائي سالن تائين نڀائي. 1941ع ۾ مشهور ڪهاڻيڪار امر لعل هنگوراڻيءَ سان گڏجي هن ’ساهتي‘ رسالو ڪڍيو، جيڪو رسالو ڪرائون سائيز جي 20 صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ اُن جي قيمت هڪ آنو هوندي هئي. ان رسالي جون ان وقت ڇهه هزار ڪاپيون نڪرنديون هيون. فتح چند واسواڻي، جيڪو حيدرآباد مان ’سنڌي ساهتيه‘ رسالو ڪڍندو هو، اُن هري دلگير جو پهريون طبعزاد شعري مجموعو ’ڪوڏ‘ 1941ع ۾ ڇپايو. هري دلگير جو ٻيو شعري ڪتاب ’هرشچندر جيون ڪوتا‘ 1942ع ۾ ڇپيو، جن ٻنهي ڪتابن تي کيس سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل ’سنڌي ساهتيه لاءِ صلاحڪار بورڊ‘ پاران انعام ڏنو ويو. هري دلگير 1946ع ۾ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۽ ’گلستان‘ جي شاعريءَ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
1955ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندستان مان هجرت ڪري آيل پناهگير مسلمانن فساد ڪرايا، ان موقعي تي ڪن دوستن هري دلگير کي سنڌ ڇڏڻ جي صلاح ڏني، پر هن مادر وطن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 5 ڊسمبر 1955ع تي هري دلگير جي والد وفات ڪئي، پوءِ به هن سنڌ نه ڇڏي. 1957ع ۾ سندس امڙ به لاڏاڻو ڪري وئي. ماءُ جي وفات کان پوءِ هڪ ڀيرو ڀارت جو چڪر هڻي آيو، جتي دوستن کيس هند اچڻ لاءِ چيو، پر پوءِ به هن سنڌ نه ڇڏي. اتان واپس سنڌ موٽي اچڻ بعد ماءُ ۽ پيءُ جي عدم موجودگيءَ ۾ اداس گذارڻ لڳو. ان وچ ۾ پاڪستان جون حالتون سچن ۽ محب وطن ماڻهن لاءِ ڪجهه ڏکيون ٿي ويون. نيٺ هڪ ڏينهن هن دوستن جي زور ڀرڻ تي ڀڳيءَ دل سان سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ائين هري دلگير 1958ع جي آخر ۾ سنڌ سان الوداع ڪري، جنوري 1959ع ۾ آديپور (ڪڇ) ۾ وڃي مستقل طور رهيو. ڀائي پرتاب مشن پاران مٿس نون ڪاليجن کولڻ جو ڪم رکيو ويو. گانڌيڌام ۾ ڪجهه اسڪول سندس دوست هوندراج دکايل جي قائم ڪيل مئتري منڊل پاران هندي ميڊيم ۾ اڳ ئي هلندا هئا. هري دلگير هن اداري جو ٽرسٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ هوندراج دکايل ٽرسٽ جو مکيه ميمبر هو. اهڙيءَ ريت هري دلگير پهرين اتان جي تولاڻي انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ جو باني پرنسپال ٿيو. بعد ۾ 1961ع ڌاري آديپور ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج قائم ڪيو. تولاڻي خاندان جي هنن تعليمي ادارن جي سار سنڀال سان گڏ هري دلگير 1961ع کان 1973ع تائين گانڌيڌام ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو چيئرمئن پڻ رهيو. 1968ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي گانڌيڌام ميونسپل جو صدر به چونڊيو، پر راجنيتي رمزن مان بيزار ٿي ميمبريءَ جي مُدي پوري ٿيڻ کان ٽي سال اڳ ئي استعيفا ڏئي ڇڏيائين. هي گانـڌيـڌام روٽـري ڪـلـب جـو صـدر، گانـڌيڌام ميونسپالٽيءَ جو صدر (1965ع) به رهيو. سندس واسطو ’ساهتيه اڪاڊمي‘ ۽ هند سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ، نيشنل بوڪ ٽرسٽ، گجرات ساهتيه اڪاڊمي، بمبئيءَ ۽ گجرات جي يونيورسٽين جي سنڌي بورڊن سان زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين برقرار رهيو. هري دلگير سنڌي ساهتيه اڪادمي گجرات جو 1994ع کان 1999ع تائين چيئرمئن به رهيو.
هري دلگير جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڪوڏ (1941ع)، (2) هرشچندر جيون ڪوتا (1942ع)، (3) موجي گيت (ڪشنچند بيوس سان گڏ: 1942ع)، (4) ماڪ ڦُڙا (نارائڻ شيام سان گڏ: 1953ع)، (5) موج ڪئي مهراڻ (1966ع)، (6) ڪهـاڻي ڪـرم يـوگـيءَ جـي (1975ع)، (7) پـل پـل جو پڙلاءُ (1977ع)، (8) امر گيت (1981ع)، (9) مزيدار گيت (ٻارن لاءِ: 1983ع)، (10) رولو آواز (1984ع)، (11) گيت گلابي (ٻارن لاءِ: 1987ع)، (12) چولو منهنجي چڪـ ۾ (آتم ڪٿا: 1987ع)، (13) جهنگلي گُل (1988ع)، (14) پروليون (ٻارن لاءِ: 1991ع)، (15) جپ صاحـب (1991ع)، (16) لـهـرن لـک لـبـاس (1993ع)، (17) اڪيلو چنڊ (1998ع)، (18) صبح جو سهاڳ (2001ع)، (19) گند منهنجي گـوڏ ۾ (آتـم ڪـٿـا: ڀاڱـو ٻيـو: 2003ع)، (20) جـيءَ، جـيءَ جـيءَ ڙي جــيءَ (2003ع)، (21) گاهه کليا گس گس (ترائيل: 2004ع) وغيره شامل آهن.
هري دلگير جا هيٺان ڪتاب ترتيب ڏنل آهن:
(1) بيوس جو چونڊ ڪلام معنيٰ سان (1988ع)
(2) بيوس جي ڪوتا جو جائزو (1993ع)
(3) آزادي آندولن جا گيت (1994ع)
هري دلگير جي ڪتابن ۽ سندس علمي ادبي خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾:
(1) ڪـتاب ’پـل پـل جـو پڙلاءُ‘ تي 1979ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ، (2) ’مزيدار گيت‘ تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، گورنمينٽ آف انڊيا، نئيـن دهلي پـاران اوارڊ (1984ع)، (3) ’رولو آواز‘ تي هند سرڪار جو انعام (1985ع)، (4) ادبي خدمتن تي ’پريه درشني اوارڊ‘ (1992ع)، (5) گجرات ساهيته اڪيڊمي اوارڊ (1993ع)، (6) بـهتـريـن شـاعـريءَ تي ’نـارائـڻ شـيـام اوارڊ‘ (1996ع)، (7) سنڌي ادب جي واڌويجهه لاءِ ڪوششن تي ’انڊس انڊ اوارڊ‘ (1998ع) ۽ (8) لائيف اچيومينٽ اوارڊ ۽ 51000 روپيا روڪ ساهتيه اڪادمي دهلي پاران (2003ع) ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن.
هري دلگير جي شخصيت، شاعري، فن ۽ فڪر تي هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
(1) سدا هجن هوت حيات (سنگيتا پبليڪيشن، بڙودا: 1986ع)
(2) هري دلگير- هڪ اڀياس (ڀڳوان نردوش: 1992ع
(3) هري دلگير- شخص ۽ شاعر (آشا رنگواڻي: ايم فل جي ٿيسز: 1999ع)
(4) هري دلگير (سنڌو جوت دهليءَ جو خاص نمبر)
هري دلگير درياڻي، 12 اپريل 2004ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.06.15  عيسوي

سنڌ هند جي پهرين صف جو ناميارو جديد شاعر هري دلگير درياڻي، 15 جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


2004.04.12  عيسوي

هري دلگير درياڻي، 12 اپريل 2004ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انورشاهه
عبدالحئي ڀٽو
باغي حليم
بسنت ڪمار تياڳي
انور منصور مڱريو
ڄام مراد علي جوکيو
ڀڳت ڪبير
صديقي منظور احمد
ڀيرجي ٺڪَر
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون